106

شهباز شريف پاران عزت کي ڇيهو جي دعويٰ: عدالت وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر کي طلب ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پاران عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ تي وزيراعظم عمران خان ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج وزيراعظم عمران خان جي خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ بابت ٻڌڻي ڪئي، شهباز شريف موقف اختيار ڪيو ته عمران خان پاناماليڪس تي چپ رهڻ لاءِ رقم آڇ ڪرڻ جو بي بنياد الزام هنيو آهي، جنهن سان منهنجي ساک متاثر ٿي آهي، عدالت شهباز شريف جون سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون، جج رمارڪس ڏنا ته ڪيس کي جلد منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ننڍي تاريخ ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت ڪارروائي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان ۽ شهباز شريف کي 6 آڪٽوبر تي وڪيلن سان گڏ طلب ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو