118

شهباز شريف ۽ حمزه جي 27 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ظاهر، جاچ ٽيم سان تعاون ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر  شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي 27 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ظاهر ٿي آهي، عدالت جاچ ٽيم سان تعاون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،رپورٽ موجب لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، (ن) ليگ صدر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پيش ٿيا، ڊي جي آيف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته شاهدين سان ڀريل چار باڪس عدالت آڏو پيش ڪيا، 2020 ۾ شگر انڪوائري ڪميشن ٺهي هئي. شگر ملز وڏي پيماني تي مالياتي فراڊ ۾ ملوث آهن، 20 غريبن ملازمن جي نالي تي 57 اڪائونٽ سامهون آيا آهن، اڪائونٽ 2008 ۾ کليا 2018 ۾ بند ٿيا، 13 فرضي نالا سان 27 ارب رپين جي ٽرانزيڪيشن سامهون آئي آهي،جوابدر جاچ ۾ تعاون نٿا ڪن، عدالت شهباز شريف ۽ حمزه کي جاچ ٽيم سان تعاون ڪرڻ جو  حڪم ڏنو، ٻئي طرف شهباز شريف عدالت۾ بيان ڏنو ته ايف آءِ اي جنهن ڏيهن گهرايو ان ڏينهن بدتميزي ڪئي، منهنجي وڪيل ايف آءِ اي کي مناسب جواب موڪليو آهي، هي نيب ڪيس جي ڪاپي آهي مون خاندان جي شگرملز کي نقصان  پهچايو، وڏي وزير طور شگر ملز جو فائدو ناهي پهچايو، ايف آءِ اي  جڏهن ڏينهن مونکي گهرايو ان ڏينهن بدتميزي ڪئي وئي، ڇا هي اها جاچ آهي جنهن جي ايف آءِ اي ڳالهه ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو