113

عالمي برادري طالبان کي تسليم ڪرڻ بابت روڊ ميپ جوڙي، ٻيو ڪهڙو آپشن موجود آهي؟: شاهه محمود

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي برادري طالبان کي تسليم ڪرڻ بابت روڊ ميپ  جوڙي، ٻيو ڪهڙو آپشن موجود آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي طالبان بابت پاليسي حقيقت پسندي، تحمل رابطو ۽ اڪيلائي کان پاسي تي ٻڌل آهي،عالمي برادري طالبان سان سڌو ڳالهائي،   طالبان جيڪڏهن مطالبن تي پورو لهن ته انهن کي مراعتون به ڏنيون وڃن، اميدن تي پورو لهڻ طالبان جي پنهنجي فائدي ۾ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته  ڇا حقيقت کي تسليم نه ڪرڻ عالمي برادري لاءِ ممڪن هوندو؟پاڪستان به دنيا وانگر پرامن مستحڪم افغانستان چاهي ٿو،طالبان سان ڊيل ڪرڻ جي لاءِ نئون روپ اختيار ڪرڻو پوندو، اڳ وارو دور ناڪام ويو،افغانستان کي امداد ڏني وڃي، هن چيو ته طالبان پنهنجي سرزمين ٻئي ڪنهن ملڪ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين، انساني حقن خاص ڪري عورتن جي حق جو احترام ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو