146

عورتن، ٻارن سان زيادتي، قتل جا واقعا ۽ وڌندڙ عدم تحفظ جو احساس…!!

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ۽ قتل جي پيش آيل واقعن ڳڻتي جي نئين لهر پکيڙي ڇڏي آهي، واقعن ۾ واڌ سان عورتن ۾ عدم تحفظ جو احساس پڻ وڌي رهيو آهي، هڪٻئي پٺيان پيش ايندڙ واقعا سماج لاءِ ناسور بڻجي سامهون اچي رهيا آهن، اهڙو ڪو ڏينهن خالي ناهي جڏهن سنڌ ۾ ڪنهن عورت جو قتل، زيادتي جو واقعو پيش نه آيو هجي، هاڻ ته معصوم ٻارڙيون ۽ ٻارڙا پڻ غير محفوظ بڻجي ويا آهن، پيرڳوٺ ۾ مونيڪا جي بيرحماڻي قتل، ڪي اين شاهه ۾ معصوم انيسا سولنگي، سکر ۾ معصوم فضيلا، ڏوڪري ۾ معصوم ٻارڙيءَ مرڪ سان زيادتي واقعن کانپوءِ دادو ۾ چئن ورهين جي ٻارڙي سان گهر جي گهٽي ۾ زيادتي جي واقعي ان احساس کي وڌيڪ شدت وٺرائي ته ٻارڙا پنهنجي گهر، گهٽي ۽ پاڙي ۾ به غير محفوظ بڻجي ويا آهن، ڏهرڪي ۾ پيار پرڻو ڪري آيل لاهور واسڻ ثناءَ جٽ مڙس هٿان ڪارنهن الزام هيٺ جنهن بيدردي سان قتل ٿي اهو پڻ افسوسناڪ آهي، گذريل ڏينهن پڻ پنوعاقل ويجهو وڌيڪ هڪ عورت ڪارنهن جي تهمت هڻي بيدردي سان ماري وئي، اهڙن واقعن جو هڪٻئي پٺيان ڊگهو تسلسل آهي، هڪ واقعي جي جوابدارن کي سزا نه ملڻ ۽ وقت سر قانون جي حرڪت ۾ نه اچڻ جي ڪري ٻيو واقعو جنم وٺي ٿو ۽ ائين هڪٻئي پٺيان عورتن جي قتل عام ۽ زيادتين جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻجن ٿيون، انسانيت ۽ سماج جو درد رکندڙ ماڻهو پڻ اهڙن واقعن تي دانهون ڪوڪون ڪن ٿا پر وري ڪنهن نئين واقعي جا پيرا کڻڻ ڪري پويون واقعو لئه مٽي ٿي وڃي ٿو، ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙي سان زيادتي ۽ وحشت جي انتهائي کانپوءِ جيڪڏهن سنڌ جي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا مناسب ڪارروائي ڪن ها ۽ سڄي سنڌ ۾ قانون حرڪت ۾ اچي رٽ قائم رکي ها ته ائين ٻين معصوم نياڻين سان وحشي بگهڙ زيادتي نه ڪري سگهن ٿا ۽ قتل جي واقعن کي روڪي سگهجي ها، پر قانون پنهنجي روايت کي برقرار رکندي دير سان اٿي ٿو ۽ واقعي کي انجام تائين پهچائڻ کان اڳ ئي مصلحتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو، اڪثر واقعن ۾ فريادي ۽ جوابدار ڌرين ۾ ٽڪن عيوض ٺاهه ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب قتل، زيادتين ۽ ٻين ظلمن جا ڪيس انجام کي پهچي نٿا سگهن، ان سان جوابدارن کي شهه ملي ٿي ۽ اهي وري نئون ڏوهه ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪن ٿا، سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ عورتن اهڙن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هن ڀيري 8 مارچ تي عورتن طرفان مرڪزي مارچ حيدرآباد ۾ رٿيو ويو آهي، جنهن کي ٻارن ۽ عورتن سان جنسي ڏاڍائين ۽ تشدد بند ڪيو جو سلوگن ڏنو ويو آهي، ساڳي طرح ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ريلين جو رٿيو ويو آهي، عورتن جي عالمي ڏينهن تي ريليون ڪڍڻ جو مقصد صرف عورتن کي آزادي ڏيڻ جي گهر ڪرڻ نه آهي پر عورتن سان پيش ايندڙ گهريلو تشدد، زيادتيون، قتل ۽ ٻين واقعن کي روڪڻ، قانونسازي ڪرڻ ۽ قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ جا مطالبا پڻ شامل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، عورتن ۽ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ قائم ادارا پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان ادا ڪن ۽ پوليس پنهنجي ڊيوٽي ۾ وڌيڪ ايمانداري آڻي ۽ ان حلف جو ڀرم رکي ته هر شهري جي جان ۽ مال جي ذميواري پوري ڪئي ويندي، هن وقت شهرين جي جان ۽ مال سان گڏ عزتون ۽ معصوم به غير محفوظ بڻجي ويا آهن، انهن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، جي نه ته اسان ائين هڪٻئي پٺيان واقعن تي ماتم ڪندا رهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو