283

عورتن کي سندن مرضي مطابق لباس پائڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي: شعيب اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيڊ اسٽار شعيب اختر جو چوڻ آهي ته عورتن کي سندن مرضي مطابق لباس پائڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. ويب چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ شعيب اختر مردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان عورتن جي مدد نٿا ڪري سگهو ته کين جاءِ ڏيو. شعيب اختر مردن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عورتون جيڪو ڪجهه به پائين ٿيون اهو انهن جو معاملو آهي، توهان ڪير ٿيندا آهيو ڪجهه چوڻ وارا؟ سڀ ٿاڻيدار بڻجي اچي وڃو ٿا. گهرواري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته سندس گهر واري نقاب پائي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس فيصلو آهي، مون کيس ڪڏهن به نقاب پائڻ جو ناهي چيو. هن چيو ته مون عالمن سڳورن کان سبق حاصل ڪيا ۽ ڄاڻ ۾ واڌ لاءِ ڪيترائي اسلامي ڪتاب به پڙهيا، 16 ورهين جي ڄمار کان 36 سالن تائين جي عمر تائين مون هر شيءَ کان پاسيرو ٿي زندگي گذاري ۽ دنيا ڏٺي. هن چيو ته مان عالم ته ناهيان پر مذهب جي ويجهو آهيان، اسان جو مذهب اسان کي آزادي ڏئي ٿو ۽ ٻين کي به آزادي ڏيڻ جو درس ڏئي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو