316

غوثپور ڀرسان مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس جو آپريشن، هڪ عورت ۽ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، مغوي هٿ نه آيا، آپريشن جاري آهي: ايس ايس پي امجد شيخ

غوثپور (ن سوڀ)  2 هفتا اڳ  ڪچي جي جنگڻ ٿاڻي جي علائقي ڊبو موڙ ڀرسان ڏوھارين ھٿان اغوا ٿيل ٽن مغوين ماريا شيخ، ھزارو شيخ ۽ ڊاٽسن ڊرائيور غلام ميراڻي جي بازيابي لاءِ اڄ صبح سوير ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري بڪتربند گاڏين سان ڳوٺ جيئند جاگيراڻي تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، پوليس کي ڏسندي ڏوھارين جديد ھٿيارن سان پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ راڪيٽ لانچرن جو استعمال پڻ ڪيو آھي، پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گھيرو ڪري جوابي فائرنگ ڪئي آھي،  پوليس پاران جيئند جاگيراڻي جي ٿاڪن تي پڻ چڙهائي ڪئي وئي، جيڪو اغوا، ڦر ۽ قتل جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آھي. پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته  ڏوھارين سان فائرنگ ۾ ھڪ عورت ڌاڙيل جيئندو جاگيراڻي جي زال ڀوري خاتون ۽ 3 ڌاڙيل شمشاد جاگيراڻي،  اياز  جاگيراڻي ۽ علي بخش جاگيراڻي مارجي ويا آھن، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب گل حسن، توڏل ۽ ميران بخش جاگيراڻي  زخمي آھن،  پوليس ڪاروائي دوران جيئند جاگيراڻي جي مورچن ۽ سندس ٿاڪن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو آھي،  پوليس ڏوھارين وٽان جديد ھٿيار به ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ٻئي پاسي ”سوڀ“ پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران 3 ڏوهاري مارجي ويا آهن، آپريشن اڃا جاري آهي، جڏهن ته عورت جي مارجي وڃڻ واري خبر ۾ ڪابه صداقت ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو