227

فواد، علي زيدي ۽ عامر لياقت سوڌو 154 اسيمبلي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل، گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين ميمبر ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺي نٿا سگهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، عامر لياقت ۽ خالد مقبول صديقي سوڌو 154 اسيمبلي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق مالي گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن 154 اسيمبلي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي، جن ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي انهن ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ۽ فهميده مرزا به شامل آهن، جڏهن ته 3 سينيٽر مصدق ملڪ، ڪامران مائيڪل ۽ شميم آفريدي جي به ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق قومي اسيمبلي جي 48 ۽  ڪي پي ڪي اسيمبلي جي 26 ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي 6 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي، انهن ۾ سردار يار محمد رند ۽ اختر لانگو به شامل آهن. اليڪشن ڪميشن ان فيصلي بابت سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته معطل ڪيل ميمبر ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺي نٿا سگهن، سندن ميمبرشپ گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين معطل رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو