151

لاڪ ڊائون ۾ پهريون ڀيرو دوستن سان آن لائن گيم کيڏي: ملالا يوسفزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا يوسفزئي چيو آهي ته هن کي پهريون ڀيرو لاڪ ڊائون دوران دوستن سان گڏ آن لائن گيم کيڏڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته هن کي لاڪ ڊائون ۾ گهر ۾ رهڻ دوران پهريون ڀيرو دوستن سان آن لائن ويڊيو گيم کيڏڻ جو موقعو مليو، هوءَ ان کان اڳ ان دنيا کان اڻڄاڻ هئي. ملالا چيو ته هن کي دوستن سان گيم کيڏي سٺو لڳو. هڪ سوال جي جواب ۾ ملالا چيو ته لاڪ ڊائون هن کي رشتن جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي، هن ڏکئي وقت ۾ جيڪڏهن اسان هڪٻئي لاءِ ڪجهه ڪري سگهون ٿا ته اهو پري رهي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو