194

مئل ڪڪڙ ۽ جانور وڪرو ٿين پيا،کير مهانگو آهي، آفيسرن جي هجڻ جو ڪهڙو فائدو؟، فوڊ ڊپارٽمينٽ ڇا پيو ڪري؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ مئل ڪڪڙ ۽ جانور وڪرو ٿين پيا،کير مهانگو آهي، آفيسرن جي هجڻ جو ڪهڙو فائدو؟، فوڊ ڊپارٽمينٽ ڇا پيو ڪري؟رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ کير جي قيمتن ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته ملڪ ايسوسيئيشن وارا هٺ ڌرمي تي لهي آيا آهن، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ جي خوراڪ کاتي هن وقت تائين ڇا ڪيو؟پنجاب وارا روز ڇاپا هڻن پيا،توهان ڇا پيا ڪريو؟ مٺائي ۽ ڪيڪ ۾خراب بيضا ۽ خراب کير استعمال ٿئي پيو،توهان رڳو ويٺا رهجو،طريقيڪار ڪهڙو آهي؟ جڏهن ته ايڊيشنل ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته کير جو سرڪاري اگهه 94 رپيا آهي،پر 140 رپيا ليٽر وڪرو ٿئي پيو،ڊيري ملڪ وارا نٿا مڙن، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ڪمشنر آفيس ايتري بيوس آهي جو عملدرآمد نٿي ڪرائي سگهي، عدالت ڊيري ملڪ ايسوسيئيشن جو صدر کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو