178

مخالف ڌر کي سياسي نابالغن يرغمال بڻائي ورتو آهي، غير سنجيده قيادت ملڪ لاءِ خطرو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته غير سنجيده سياسي قيادت ملڪ جي مستقبل لاءِ خطرو آهي، ن ليگ ۽ پ پ پ جا سنجيده ماڻهو اڳيان اچن ۽ متبادل قيادت بڻجن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مخالف ڌر کي سياسي نابالغن يرغمال بڻائي ورتو آهي، حڪومت طرفان پارليامان ۾ رابطي ڪار کي چيو پيو وڃي ته حڪومت منٿون ڪري رهي آهي، هڪ وڏو وزير چوي ٿو ته مان وفاق وٽ جوابده ناهيان، چونڊ سڌارن بابت چيو وڃي ته اهي ان تي تيار ناهن، هڪ ڏينهن عدم اعتماد، ٻئي ڏينهن لانگ مارچ ۽ ٽئين ڏينهن استعيفيٰ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته غير سنجيده قيادت ملڪ جي مستقبل لاءِ خطرو آهي، ن ليگ ۽ پ پ پ جا سنجيده ماڻهو اڳيان اچن ۽ متبادل قيادت بڻجن، گورننس، اليڪشن ۽ عدليا ۾ سڌارا انتهائي اهم آهن، پر هن نابالغ قيادت سان ڳالهيون ڪير ڪري؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو