144

ملير جي اسپتال ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط،ڊاڪٽر سميت 4 ملازم گرفتار

ملير ( ڊ ر ) ملير ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ گذريل اپريل مهيني ۾ اينٽي ڪرپشن ايسٽ زون طرفان سمورن اسپتالن ميڊيڪل سپريڊنٽس کي ليٽر جاري 2019 کان 2020 تائين جي خرچن تفصيل پيش ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر اسپتالن جي انتظاميا پنهنجو رڪارڊ پيش ڪيو، جنهن جي چڪاس بعد اينٽي ڪرپشن ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اينٽي ڪرپشن جي  عملي طرفان کوکراپار ملير جي سرڪاري اسپتال تي اوچتو ڇاپو  هڻي ڊاڪٽر ناصر ڀٽي،اڪائونٽنٽ آفيسر آصف الله قادري،اسٽور انچارج محمد ماجد ۽  ملازم رئيس کي ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڪري سمورو رڪارڊ قبضي ۾ ڪري ورتو، ان سلسلي ۾وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته ملير جي ميمڻ ڳوٺ ،ابراهيم حيدري،ريڙهي ،دنبا ڳوٺ ،گڏاپ ،ملير ٿڌو نالو ۽ ٻين اسپتالن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد وڏي پيماني تي ڪاروائي جو امڪان ٻڌايو پيو وڃي، سرڪاري اسپتالن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته هڪ اسپتال جي سالياني بجيٽ چار ڪروڙ کان به وڌيڪ  آهي، جنهن جي خرچ جو اختيار پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرشپ تحت هينڊز کي حاصل هو، اڪثر آفيسرن اهڙي رپورٽ اينٽي ڪرپشن کي اماڻي ڇڏي آهي جنهن سان وڌيڪ ڪاروائي جا امڪان آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو