109

ملير ۾ نوجوان جي قتل واقعي ۾ اڳڀرائي،سهولتڪاري جي الزام هيٺ جوابدار جو پيءُ گرفتار

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي بحريه ٽائون ۾ موٽر سائيڪل تيز هلائڻ کان روڪڻ تي نوجوان کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي، گڏاپ پوليس نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار جي والد کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان جزلان تي جوابدار حسنين فائرنگ ڪئي، واقعي ۾ استعمال ٿيل پستول جوابدار جي والد جو آهي، فيض خان کي پُٽ جِي سهولتڪاري جَي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ٻين جوابدارن جي به ڳولا جاري آھي، بحريه ٽائون ۾ گذريل ڏينهن موٽر سائيڪل تيز هلائڻ کان روڪڻ تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو