184

ملڪ ۾ هڪ ئي وقت گيس، بجلي ۽ پاڻي جو بحران، وزيراعظم پاران بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اجلاس طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ئي وقت گيس، بجلي ۽ پاڻي جو بحران، سنڌ جي سي اين جيز جي 29 جون ۽ نان ايڪسپورٽ صنعتن جي گيس فراهمي اڻ اعلانيل عرصي تائين بند، ڪيپٽو پاور پلانٽ جي گئس سپلاءِ ۾ به 50 سيڪڙو گهٽتائي، وزيراعظم بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو، ارسا، واپڊا، پيٽروليم ۽ پلاننگ ڊويزن جون اختياريون شريڪ ٿينديون، آزاد ذريعن پاران بحران 15 جولاءِ تائين جاري رهڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ڪنر ۽ پسهاڪي گيس فيلڊن کي مرمت جو عذر ڏئي 9 جولاءِ تائين 21 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سسٽم ۾ 220 معڪب فوٽ گيس جي فراهمي رڪجي وئي آهي، ٻئي طرف سوئي سدرن جي اختيارين 250 معڪب فوٽ گيس جي کوٽ ڄاڻائي سنڌ جي سي اين جيز اسٽيشنز کانپوءِ صوبي جي نان ايڪسپورٽ صنعتن کي گيس جي فراهمي اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند ڪري ڇڏي آهي، سوئي سدرن گيس ڪمپني موجب مرمتي ڪم ڪار سبب ڪنر ۽ پسهاڪي آئل فيلڊون 9 جولاءِ تائين بند رهنديون، جنهن سبب سي اين جي ۽ صنعتي ادارن بدران گهريلو صارفين کي گيس فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح هوندي، جڏهن ته ڪراچي واسين کي بجلي جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي پڻ 150 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهمي جاري رکي ويندي، جنهن سبب هڪ هفتي تائين سي اين جيز ۽ صنعتي ادارن جي بجلي بند رهندي، هوڏانهن ڪيپٽو پاور جي گئس سپلاءِ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ذريعن موجب وفاقي حڪومت هائڊل (پن) بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ارسا کي ڊيمن مان پاڻي وهڪرو وڌائڻ جو چيو هو، ان ڏس ۾ ارسا جو چوڻ آهي ته هائڊل بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پاڻي جا ذخيرا ختم ڪرڻ جو رسڪ نه ٿا کڻي سگهون. انهي سان اڳتي هلي ملڪ ۾ خوراڪ جو بحران پيدا ٿيندو، ٻئي طرف سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ وفاقي سرڪار جي اهڙي فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته صنعتن کي گيس فراهم نه ڪرڻ سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو، ڪالهه هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ گيس ۾ پاڻڀري آهي، انهي باوجود سنڌ جي صنعتن جي گيس بند ڪرڻ آئيني خلاف ورزي آهي، وفاقي سرڪار بجلي جي حوالي سان چوندي آهي ته اسان وٽ 37 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي پر پريزينٽيشن ۾ 23 هزار ميگاواٽ جي ڳالهه ڪن ٿا، ايئن ئي گيس جي حوالي سان به ڳالهيون ڪن ٿا، انهي ڪري وفاقي سرڪار جي انگن اکرن تي ڀروسو ڪري ئي نٿو سگهجي، هن چيو ته سنڌ سرڪار متبادل توانائي لاءِ 50 هزار ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو