107

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 50 ڄڻا فوت،2233 نوان ڪيس ظاهر

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 50 ڄڻا فوت،2233 نوان ڪيس ظاهر، اين سي او سي موجب  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52788 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2233 ماڻهن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪ دوران مثبت ڪيسن جي شرح 4.23 رهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 27482 ٿي چڪو آهي۽ متاثرن جو انگ 12 لک 34 هزار 828 تائين پهچي چڪو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2789 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، ٻئي طرف  سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جون 59هزار کان وڌيڪ خوراڪون ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صحت کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ سائنو ويڪ جون 18763 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ايسٽرا زينيڪا  جون 16 هزار 754 خوراڪون ضايع ٿيون آهن، صحت کاتي موجب سائنو فارم جون  14 هزار 576، پاڪ ويڪ جون 6 هزار 768، ڪين سائنو جون 2 هزار 143 ۽ موڊورنا ويڪسين جون 489 ۽ فائرز جون 38 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو