ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، هڪ سئو کان وڌيڪ ڍور ۾ سڙي مري ويا، گذريل رات کان لڳل باهه تي هن وقت تائين مڪمل ضابطو اچي نه سگهيو آهي، ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، فائربرگيڊ نه پهچڻ ۽ باهه تي ضابطو نه اچڻ ڪري ڳوٺاڻا گهرن ۾ داخل به نه ٿي سگهيا، باھ لڳڻ سبب ڳوٺ جي چڱي مڙس موجب 9 ٻار فوت ٿيا آهن، فوتي ٻارن ۾ امام الدين جا 4 ٻار مور، رشيد، عالم، نرگس ۽ زمان پٽ اڪرم، عبدالرسول ۽ حسين پٽ بهار خان، سويره ۽ ٻيا شامل آهن، فوتين جا لاش باھ مان ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ ميھڙ منتقل ڪيا ويا، ٻي طرف انتظاميه 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود باھ وسائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا، ڳوٺاڻا بي يارو مدد گار بڻيل آهن، جڏهن ته باھ سبب 100کان وڌيڪ جانور به سڙي ويا آهن.
147