204

ميهڙ ۾ ٽن ڀاتين جي قتل جو مک جوابدار عدالت ۾ پيش، سيڪيورٽي سخت، 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ميهڙ (ن سوڀ) ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي مک جوابدار مرتضيٰ  چانڊيو کي ڪشمور پوليس پاران گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ميهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏھن ته ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا ۽ پوري ضلعي جي پوليس طلب ڪئي وئي. عدالت ٻاهران ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ جي موجودگي ۾ ميهڙ، ٿرڙي، راڌڻ،  فريدآباد، شاهه پنجو  ۽ نئون ڳوٺ سميت 12 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ميهڙ،  خيرپورناٿن شاهه ۽ دادو جي 3  ڊي ايس پيز سميت سوين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. مرتضيٰ چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي ميهڙ جي ٻيٽو روڊ تي ۽ عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار ۽ پوليس موبائلون بيهاري روڊ بند ڪيا ويا هئا، جنهن سبب ميهڙ جي ڪيترين ئي ڳوٺن ۽ ڪالونين ڏي ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي سخت تڪليفون پيش آيون. هوڏانهن گرفتار ٿيل جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي بڪتربند گاڏي ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ ميهڙ جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس ڪسٽڊي هيٺ ڏئي ڇڏيو، جوابدار کي 24 تاريخ تي ٻيهر ميھڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏھن ته ميھڙ ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي سخت سيڪيورٽي سان گڏ دادو پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو