111

نئين سرد جنگ نٿا چاهيون، امن سڌارا آڻيندڙ ڪنهن به قوم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: آمريڪي صدر

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائينڊن چيو آهي ته نئين سرد جنگ نٿا چاهيون، امن سڌارا آڻيندڙ ڪنهن به قوم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته  افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪي مسلسل سفارتڪاري جو دورو شروع ڪيو،رڳو صاف ملٽري مشنز ۾ مصروف رهنداسين،   ڪمزور ملڪن تي حاوي ٿيڻ لاءِ مضبوط ملڪن جي ڪوششن جي مخالفت ڪنداسين،عالمي چيلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ايران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ جي لاءِ پنهنجي واعدي تي برقرار آهيون،هو معاهدي ۾ واپس ايندو ته اسان به اينداسين،ايران جوهري معاهدي بابت چين ،فرانس، روس، برطانيا  ۽ جرمني سان رابطي ۾ آهي،خودمختيار ۽ جمهوري فلسطيني رياست جو رستو ئي اسرائيل جي مستقبل جو ضامن آهي، اسرائيل فلسطين حل اڃا گهڻو پري آهي، پر اسانکي ان جو ڪوششون ختم نه ڪرڻ گهرجن،اسرائيل جي سيڪيورٽي جي لاءِ آمريڪا جي عزم ۽ تعاون تي ڪو به سوال نٿو ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو