191

(نيب) سکر جي عملدارن ڪرپشن ڪيس ۾ گھربل 03 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) سکر جي عملدارن ڪرپشن ڪيس ۾ گھربل 03 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ نيب ذريعن جو چوڻ آھي تہ تعلقہ ميونسپل ايڊمنسٽريشن ڪنڌڪوٽ جي سرڪاري فنڊن ۾ خردبرد ڪرڻ جي الزام ھيٺ 03 ڄڻن اڳوڻي ٽي ايم او سندر خان، ٺيڪيدار اظهر الدين ۽ الطاف کي نيب ٽيم حراست ۾ ورتو آھي. ٻڌايو ويو آھي تہ جوابدارن سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ھئي، اھا درخواست رد ٿيڻ بعد کين حراست ۾ ورتو ويو آھي. جڏھن تہ خميس ڏھاڙي کين احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو