196

نيب لاهور جو خواجا آصف جي ضمانت واري درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب لاهور خواجا آصف جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، قومي احتساب بيورو ليگي اڳواڻ کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ ضمانت خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي، نيب پاران اسپيشل پراسيڪيوٽر فيصل بخاري جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون موجب خواجا آصف خلاف جاچ جو آغاز ڪيو، ليگي اڳواڻ جا اثاثا ان جي آمدجي سان ميچ نه ٿا ٿين، خواجا آصف پنهنجي پوري فيملي جي نالي سان اثاثا ٺاهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو