113

نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ دورو ملتوي ڪرائڻ ۾ ٻاهريون سازشون ملوث آهن: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ دورو ملتوي ڪرائڻ ۾ ٻاهريون سازشون ملوث آهن،دنيا کي حقيقتون ٻڌائينداسين،پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾وزير اعظم چيو ته وفاقي  وزير دنيا کي فيڪ اڪائونٽس کان  اي ميلز ۽ فيڪ نيوز سميت سمورين حقيقت جي باري ۾ آگاهه ڪن، هوڏانهن رپوٽ موجب  وزير اعظم عمران خان اڄ قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ سان ملاقات ڪندو، پي سي بي چيئرمين رميز راجا ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته وزير اعظم عمران خان ان حوالي سان سينئر وزيرن سان  مشاورت ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو، دنيا کي حقيقتون ٻڌائڻ بابت کين هدايتون ڏيندو، ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ اطلاعات وارو وفاقي وزير فواد چوڌري جلد پريس ڪانفرنس ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو