113

ن ليگ جو سينيٽ چونڊون وڙهڻ جو فيصلو، لانگ مارچ به ٿيندو ۽ حڪومت به ڊهندي: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جنهن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ن ليگ نائب صدر مريم نواز فيصلي بابت پارلياماني پارٽي کي آگاهه ڪيو،  جڏهن ته پارلياماني پارٽي جي ميمبرن به فيصلي جي حمايت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته حڪومت وائڙي ٿي چڪي آهي. اسين پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، حڪومت کي قومي ۽ عوامي ايشوز تي ٽف ٽائم ڏنو ويندو. هن چيو ته استعفائن جو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي ۽ اهو فيصلو سموريون جماعتون تسليم ڪنديون، حڪومت سان هاڻ ڪي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. ن ليگ جي شينهن کي ڪير نٿو ڊيڄاري سگهي، راتو رات پارٽيون ٺاهڻ ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ جو وقت گذري ويو. ان کان اڳ  صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پارلياماني پارٽي لاءِ ميان نواز شريف جو خاص پيغام کڻي آئي آهيان، جيڪو اهو آهي ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، اپوزيشن وٽ سمورا آپشن موجود آهن، اپوزيشن پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان مناسب وقت تي استعفائن جو آپشن استعمال ڪندي. استعفائون به ڏبيون، لانگ مارچ به ٿيندو ۽ حڪومت به ڊهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو