267

وارهه ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران احتجاجي مظاهرو

وارهه (ن سوڀ) وارھ فين ۾ واڌ، هاسٽلز تي سهولتن جي اڻاٺ تعليمي بورڊز ۾ ڪرپشن، آن لائن ڪلاسن لاءِ سهولتون فراهم نه ڪرڻ، ليپ ٽاپ اسڪيم، يونيورسٽين جي گرانٽن ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪرڻ سميت شاگرد يونين تي پابندي خلاف پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ملڪ گير ريلين جي سڏ جي سلسلي ۾ رياض سولنگي، راشد گاڏهي، ستاره تنيو، علي ابڙو، آفتاب سوڍر، عروسه بروهي، ذيشان ڀٽي، نبيلا تنيو، عارف تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽئڪسي اسٽينڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي هنن ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وائرس وارو معاملو سياسي بڻجي ويو آهي ۽ سڀ کان وڏي سياست بيمارين تان ٿيئي پيئي، جنهن لاءِ تعليم کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي. هنن چيو ته نيازي حڪومت شاگردن کي حاصل نالي ماتر سهولتون پڻ ختم ڪري ڇڏيون آهن. هنن چيو ته شاگرد يونين تي پابندي کي 35 ورهيه گذري ويا، ڪيتريون ئي ڊڪٽيٽرن، سرمائيدار جمهوريتن جا دور آيا پر ملڪ جي شاگردن کي يونين جو حق حاصل نه ٿي سگهيو. هنن چيو ته تعليمي بورڊ ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهن ۽ تعليم کي وکر بڻايو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شاگردن جو هرقسم جو استحصال ختم ڪري شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو