275

وارھ ۾ زرعي زمين تي قبضي خلاف ڇٽا برادري جو احتجاجي مظاهرو، تدارڪ جي گهُر

وارھ (ن سوڀ) وارھ ۾ زرعي زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف ڇٽا برادري جي ماڻھن رئيس غلام عباس ڇٽو ، محمد خان ڇٽو ، خادم حسين ڇٽو ، عبدالقادر ڇٽو، سرور ڇٽو ، عبدالرشيد ڇٽو ، محمد صديق ڇٽو ۽ ٻين  پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو  ته ڇٽا برادري جي وارھ جي ديهھ ٿاڻو،  ديھه ٿرڙي،  ديهھ صفر تونيو ۽ ديھه جوڻاڻي ۾ 498 ايڪڙ زرعي زمين موجود آھي جنهن جو روينيو رڪارڊ پڻ موجود آھي ۽ برادريون 70 ورهين  کان پنهنجي ڳوٺن ۾ آباد آھن  پر روينيو عملدارن مختيارڪار وارھ ۽ تپيدارن کاتا تبديل ڪري هڪ بااثر قادربخش عرف قادن ڇٽو سندن پٽن نياز ڇٽو ، الطاف ۽ خادم ڇٽو کي ڪوڙا رڪارڊ ٺاهي ڏئي خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا، ڪوڙن کاتن جي آڌار تي برادري جي ماڻھن کي ڪورٽن ۽ پوليس ۾ گهليو پيو وڃي جيڪا زيادتي آھي هنن وزير اعليٰ سنڌ ،  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڪشمنر لاڙڪاڻو، ڊي سي قمبر شهداد ڪوٽ سوڌو ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اڻ ڌري جاچ ڪرائي ڪوڙا کاتا ٺاهيندڙ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو