290

وارھ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف متاثرن جو احتجاج، انصاف جو مطالبو

وارهه (ن سوڀ) وارھ ڀرسان ڳوٺ عبدالمجيد ڇٽو جي رهواسين گاجي بخش چانڊيو ، عورتن  ڀورل خاتون قائم خاتون ۽ سسئي خاتون ننڍا ٻار ساڻ ڪري پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو ته وارھ پوليس بناجواز گهر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي 15 ورهين جي معصوم نينگر بدر چانڊيو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، کيس ظاهر نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته خدشو آھي ته پوليس نينگر کي ماري ڇڏيندي. هنن ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل نينگر کي آزاد ڪري انصاف ڏياريو  وڃي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو