236

وزيراعظم جو خالد مقبول صديقي کي فون، ايم ڪيو ايم قيادت کي ملاقات جي دعوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي کي وفد سميت ملاقات جي دعوت ڏني آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان پنهنجي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي فون ڪيو ۽ سينيٽ چونڊن سميت اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري فيصلي بابت صلاح مشورا ڪيا. ذريعن مطابق وزيراعظم خالد مقبول صديقي جا وفاق ۽ صوبي ۾ سينيٽ سيٽن تي حمايت ۽ ووٽ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي وفد کي اسلام آباد اچڻ ۽ ملاقات جي دعوت به ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو