98

وزير اعظم ميان محمد شهباز شريف سان عمري تي اتحادي جماعتن جا اڳواڻ به گڏ ويندا

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف سان  عمري تي اتحادي جماعتن جا اڳواڻ به گڏ ويندا، رپورٽ موجب وزير اعظم شهباز شريف جو دورو 28 کان 30 اپريل تائين هوندو، ڪل 53 ماڻهو گڏ ويندا،مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، شگفته جماڻي، اختر مينگل، خالد مگسي خالد مقبول صديقي، امير حيدر خان حوتي، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي علي نواز شاهه ، محسن داوڙ، محمود اچڪزئي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، شاهه اويس نوراني، علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محموم۽ ٻيا گڏ هوندا، وزير اعظم جا فيملي ميمبر حمزه شهباز سندس گهرواري، ڌيءُ، مريم نواز، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر، حمزه شهباز فيملي جي ملازم نسرين به وفد ۾ شامل هوندي، جڏهن ته لنڊن مان حسين نواز ۽ سندس گهرواري به سعودي عرب دوري ۾ شامل ٿيندا،  هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگرزيب چيو آهي ته وزير اعظم عمري لاءِ سرڪاري خرچ تي نه پر ذاتي خرچ تي وڃي پيو، صحافين جي خلاف اهڙا بيان ڏيڻ تي فواد چوڌري کي شرم اچڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو