205

وفاقي حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد سان ڪاميابي ملندي، مولانا چاهي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد سان ڪاميابي ملندي، مولانا فضل الرحمان چاهي ته هاڻي به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته پي ڊي ايم اتحاد ۾ جيڪو ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، اتحاد پيپلز پارٽي ٺاهيو، سڀ فيصلا گڏيل احترام سان ٿين ها، شوڪاز موڪلڻ وارو عمل صحيح نه هو، وزيراعظم چئي چڪو آهي ته سنڌ ان جو صوبو ناهي، ڪنهن معاملي تي مشورو نٿو ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي دوري جو پتو ئي نه هو، مردمشماري جي معاملي تي رڳو پيپلزپارٽي وڙهي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو