172

وفاقي حڪومت ڪورونا ڪيس وڌڻ تي مخالف ڌر جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ذاتي مفادن لاءِ عوام جي زندگين سان کيڏڻ نه ڏينداسين: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ تي جلسن جي منتظمين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ جلسن جي منتظمين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي.  شبلي فراز جو چوڻ هو ته مخالف ڌر غير ذميواري جو ثبوت ڏئي رهي آهي، انهن پاران جلسو منعقد ڪرائڻ واري ضد تي بيهي رهڻ سندن غيرجمهوري سوچ ۽ غير ذميواراڻي رويي جو ثبوت آهي، عدالتي ۽ حڪومتي حڪمن کانپوءِ جلسو منعقد ڪرڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز ڪونهي. شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ذاتي مفادن لاءِ عوام جي صحت ۽ زندگين سان کيڏڻ سڀ کان وڏي لاغرضي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو