143

وفاقي کاتن مان 71 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جو فيصلو، پارٽي پاليسي جا مخالف وزير گهر هليا وڃن،هاڻ پاڻ ڏسندس ته ڪابينا ۾ ڪنهن کي رکڻو آهي يا نه: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارا ۽ بهتري نه آڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنهنجي وزيرن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته  پارٽي پاليسي جا مخالف گهر هليا وڃن، آئون پاڻ ئي فيصلو ڪندس ته ڪابينا ۾ رکڻو آهي يا نه. اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿو جنهن ۾ اهم معاملا بحث هيٺ آيا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم وزيرن جي ڪارڪردگي تي بي اطميناني جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي. عمر ايوب ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بجلي جو بريڪ ڊائون انساني غلطي سان ٿيو، غفلت ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي .وزيراعظم عمران خان وزيرن جي ڪارڪردگي تي بي اطميناني جو اظهار ڪندي وزيرن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ چيو. وزيراعظم عمران خان توانائي واري وزير عمر ايوب جي ڪارڪردگي کان به خوش نظر نه آيو، عمران خان چيو ته شهرين جي مسئلن سان لاڳاپيل وزارتن وٽ غلطي جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. ادارن ۾ سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته حڪومت تان مالي بار گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جا 100 کان وڌيڪ ادارا بند يا ٻين ادارن ۾ ضم ڪيا ويا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته اٽڪل 71 هزار گهٽ درجي (اسڪيل 1 کان اسڪيل 16) جون جايون جيڪي هڪ سال کان وڌيڪ جي عرصي تائين خالي رهيون آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٻڌايو ته شبلي فراز چيو ته ارڙهين ترميم جي خلاف ڪير به نه آهي، ارڙهين ترميم کان پوءِ وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪيون ويون جنهن سان وفاقي حڪومت جي ملازمن جو انگ به وڌي ويو آهي، ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه خاميون موجود آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته براڊ شيٽ اسڪينڊل 2000ع کان شروع ٿيو، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي کي اين آر او ڏيڻ کان پوءِ اها انڪوائري سرد خاني جي حوالي ٿي وئي، 200 نالن جي فهرست ڏني وئي هئي جن ناڻو پرڏيهه منتقل ڪيو، ان لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا سڀني ڪيسن ۽ اهم نقطن جو جائزو وٺندي، جن ملڪ جا اثاثا ڦريا ۽ ڪمپني کي جيڪا ادائيگي ڪئي هئي، وزارتي ڪميٽي ڪجهه ڏينهن ۾ اهم انڪشاف ڪندي، قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙن کي پڌرو  ڪيو ويندو.  هن چيو ته پي ڊي ايم سڄي ملڪ جي لاءِ ماضي جو قصو ٿي وئي آهي، اها  اهڙي تحريڪ هئي جنهن جو بنياد کوکلو هو، عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ڪرپشن جي خلاف ٻاهر نڪرندو آهي پر ڪرپشن بچائڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندو. . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي گهري، ان جو مقصد اهو آهي ته چونڊون شفاف ٿين ۽ پئسي جو استعمال نه ٿئي، پارليامينٽ جو مٿيون ايوان سينيٽ آهي، ان ۾ اهي ماڻهو اچن جيڪي خاص تجربو رکن ٿا، اهي پاليسي سازي ۽ قانون سازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ماضي ۾ پئسي وارا ماڻهو ايندا هئا جن کي اچڻ گهربو هو اهي نه اچي سگهندا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته سينيٽ جي اليڪشن شفاف طريقي سان ٿئي، ايندڙ ڏينهن ۾ عدالت ڪهڙي رهنمائي ڪري ٿي، پوري قوم کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جو مقصد ڇا آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيتريون ئي اهڙيون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ دير ٿيندي هئي ان لاءِ پيپرا رولز کي ويڪسين خريد ڪرڻ کان آجو قرار ڏنو آهي، اها ڇوٽ فني سببن جي بنياد تي هڪ ڀيري جي لاءِ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو