121

ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا،اسلام آباد مان حڪم ملڻ تي خدشا آهن:سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي تڪ اين ايم 249 ۾ ٿيل ضمني چونڊ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا،اسلام آباد مان حڪم ملڻ تي خدشا آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آر او 9 وڳي مفتاح اسماعيل جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪئي،11 وڳي اسلام آباد مان ٻيهر ڳڻپ جا حڪم آيا، هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اسلام آباد مان آر او کي نتيجن کان روڪيو ويو،پٺتي ڪجهه ضرور ٿيو آهي قانون موجب جيڪڏهن ڪنسوليڊيشن ٿي وڃي ته پوءِ ٻيهر ڳڻپ جو عمل نٿو ٿي سگهي، (ن) ليگ جا هٿ ٺوڪيا الزام هئا، هن چيو ته اسان ٻيهر ڳڻپ جي فيصلي کي ڪنهن عدالت ۾چئلينج نه ڪنداسين،6 مئي تي ڳڻپ جي عمل جو حصو بڻجنداسين. ان موقعي تي پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي تڪ جي ڪامياب اميدوار قادر خان مندوخيل نجمي عالم جاويد ناغوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو