127

وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري منصور گھمرو جي نوجوان پٽ پنهنجي گھر اندر ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي

پيرجوڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ فتح الله گھمرو جي رھواسي وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري منصور گھمرو جي نوجوان پٽ ڪراچي ۾ پنهنجي گھر اندر ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي سندس وارثن ۾ ڪھرام سندس مڙھ اڄ ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ فتح الله گھمرو آندو پيو وڃي، رپورٽ مطابق پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ فتح الله گھمرو جي رھواسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي پرسنل سيڪريٽري منصور گھمرو جي نوجوان پٽ اظهار منصور گھمرو ڪراچي ۾ پنهنجي گھر اندر ڪمري ۾ ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اھڙي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، ھوڏانھن نوجوان پاران خودڪشي ڪرڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته نوجوان اظهار منصور گھمرو جو مڙهه ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ فتح الله گھمرو آندو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو