96

ٽئڪس نه ڏيندڙن جا موبائل فون، بجلي ۽ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪيا ويندا، پراڻا ڪيس ٻيهر کلندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايف بي آر کي  ٽئڪس نه ڏيندڙن جا موبائل فون ۽ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ، بجلي ڪٽڻ جا، جڏهن ته نيب کي  ٽئڪس ڏيندڙن جا پراڻا ڪيس ٻيهر  کولڻ جا اختيار  ڏئي ان بابت آرڊيننس پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. صدر عارف علوي ٽئڪس قانونن جي چوٿين ترميمي آرڊيننس 2021 تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ  ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، اهڙي عمل سان  حڪومت کي معيشت مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي. صدارتي آرديننس کان پوءِ انڪم ٽئڪس آرڊيننس جو  سيڪشن 198 ختم ٿي ويو آهي. جاري ٿيل آرڊيننس هيٺ هاڻي  ٽئڪس نه ڏيندڙن جا موبائل فون ۽ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرائي سگهندو، بجلي ڪٽائي سگهندو،  جڏهن ته  نيب ٽئڪس ڏيندڙن جا پراڻا ڪيس ٻيهر کولي سگهندو، آرڊيننس هيٺ هاڻي ٽئڪس بابت غلط ڄاڻ ڏيندڙ ن کي هڪ سال قيد جي سزا ملندي ۽ 5 لک روپيا پڻ ڏنڊ پوندو.  پارليامينٽيرينز ۽ سرڪاري آفيسرن کي ٽئڪسن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ کان مليل ڇوٽ پڻ ختم ڪئي وئي آهي. ٽئڪس نيٽ ۾ واڌ لاءِ ايف بي آر  ۽ نادرا کي ٽئڪس نه ڏيندڙن جي ڊيٽا وٺڻ جو اختيار به ملي ويو آهي. ٽئڪس نه ڏيندڙ پروفيشنلز  لاءِ بجليءَ جي مختلف سليبس تي 35 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو، ڪمپنين ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي 25 هزار روپين تائين ڊجيٽل طريقي سان موڪلڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي آرڊيننس رد ڪري  ان کي مخالف ڌر جي خلاف سياسي پلاندن لاءِ استعمال ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، نيب ۽ ايف بي آر کي مليل اختيار بنيادي انساني حقن جي ابتڙ قرار  ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي نفيسه شاهه  چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٽئڪس نه ڏيندڙن جا موبائل فون ۽ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪري ۽ بجليءَ جا ڪنيڪشن ڪٽي ڪهڙو پيغام ڏيڻ گهري ٿي؟ 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو