262

ٽنڊو مستي لڳ وين ۽ چنگچي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، انگ 2 ٿي ويو

پريالو (ن سوڀ) ٽنڊو مستي لڳ وين ۽ چنگچي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن حادثي فوت ٿيل 8 ورهين جي نينگر فقير ﷲ جاگيراڻي جو زخمي ٿيل چاچو محمد جادل جاگيراڻي پٽ غلام قادر جاگيراڻي زخمن جا سور نه سهندي گمس اسپتال گمبٽ ۾ فوت ٿي ويو آهي،  جڏهن ته ھڪ ئي گهر مان چاچي ڀائٽي جا جنازا کڄڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو