168

پمز اسپتال جي ايمرجنسيءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منظور ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پمز اسپتال جي ايمرجنسيءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منظور ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. رپورٽن مطابق پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسلام آباد جي ايمرجنسيءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منظور ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سندس لاڏاڻي تي ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر فيض خان اچڪزئي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪورونا خلاف ويڙهه ۾ هيلٿ ڪيئر ورڪرز قوم خاطر قربانيون ڏئي رهيا آهن، ڊاڪٽر منظور علي جي هيلٿ ڪميونٽي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو