107

پنجاب ۾ هڪ به اهڙي ناهي، جتي جيري، بُڪين ۽ ڪينسر جو علاج ٿيندو هجي:بلاول ڀٽو زرداري

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گمبٽ آمد، سنڌ جي وڏي وزير، ڊائريڪٽر گمس سندس ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز آجيان ڪئي، گمس اسپتال جي ٽن شعبن بون ميرو، ڪينسر ۽ ريپڊ ريسپانس سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ 550 لور ٽرانسپلانٽ جي ڪاميابي جو ڪيڪ ڪاٽيو، اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري داخل مريضن جي عيادت ڪئي وفاق وٽ گمس جهڙو هڪ ادارو نه آهي. گمس ملڪ جو واحد ادارو آهي جتي هڪ ڇت هيٺيان صحت جو انيڪ سهولتون موجود آهن. گمس صحت جو بهترين ادارو آهي سنڌ سميت ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، سمورن صوبن کان مريض علاج لاءِ گمبٽ اچن ٿا، گمس ۾ مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو، سنڌ جي ٽن وڏن ادارن گمس، اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي جي بجيٽ ڪي پي ڪي جي بجيٽ کان وڌيڪ آهي، پ پ حڪومت گمس سان هميشه تعاون ڪيو آهي ۽ آئنده به سهڪار ڪندي، وزيراعليٰ سنڌ کي گمس سان سهڪار ڪيو آهي ۽ آئنده به سهڪار جاري رکندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ گمس اسپتال جي دوري تي پهتو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سندس شاندار استقبال ڪيو، بعد ۾ گمس جي ٽن شعبن ريپڊ ريسپانس سينٽر، ڪينسر ۽ بون ميرو جو افتتاح ڪيو ۽ اسپتال جي مختلف وارڊ جو دورو ڪري داخل مريضن جي عيادت پڻ ڪئي. هن مريضن کان کين ملندڙ علاج جي سهولتن بابت پڻ معلوم ڪيو. بلاول ڀٽو زرادريءَ گمس اسپتال ۾ ڇهن مهينن دوران 550 مريضن جا لور ٽرانسپلانٽ مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ صحتياب ٿيندڙ مريضن سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو. جنهن کانپوءِ گمس جي آڊيٽوريم هال ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته گمبٽ اچڻ تي هميشه خوشي ٿيندي آهي، 2019 ۾ ڪيل دوري وقت گمس ۾ ڪيترن ئي شعبن جو ڪم ٿي رهيو هو، انهن مان ٽن شعبن جو افتتاح ڪيو آهي، انشاءَ الله مڪمل ٿيل شعبا بهتر ڪم ڪندا. هن چيو ته حادثا هميشه ٿيندا آهن جنهن لاءِ ريپڊ ريسپانس سينٽر بهترين ٺاهيو ويو آهي، اهڙا سينٽر ٻين شهرن ۾ به قائم ڪيا ويندا. ملڪ جي ٻين صوبن کي چئلينج ڪيان ٿو ته انهن جي ڪنهن به تعلقي ۾ صحت جي ميدان ۾ گمس جهڙو شاندار ادارو ناهن ٺاهي سگھيا. هر شهري جو فرض بڻجي ٿو ته پنهنجن مريضن جو علاج ڪرائين ۽ ڪير به ائين نه چوي ته پئسا نه هجڻ سبب پنهنجي پيارن جو علاج نٿا ڪرائي سگهون. گمس جي مڙني شعبن ۾ ٽرانسپلانٽ تائين مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. صحت جي ههڙي اداري تي منهنجي پارٽيءَ لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. گمس جي ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سميت سمورو اسٽاف خيرپور ۽ سنڌ سميت پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ مان مريض علاج ڪرائڻ لاءِ گمبٽ اچن ٿا. سنڌ جي ٽن وڏن ادارن گمس، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي جي بجيٽ ڪي پي ڪي صوبي جي بجيٽ کان وڌيڪ آهي. گمس سان سنڌ حڪومت هميشه سهڪار ڪيو آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير آئنده به گمس سان تعاون جاري رکندو. پنجاب ۾ به ٽرانسپلانٽ جو انسٽيٽيوٽ آهي پر پنجاب جا ماڻهو سنڌ ۾ اچي مفت علاج ڪرائي رهيا آهن، وفاقي حڪومت وسيلا استعمال ڪري ته لاهور، پشاور ۽ ٻين هنڌن تي به گمس جهڙا ادارا قائم ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ صحت ڪارڊ شامل هئو پر نواز شريف نالو تبديل ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته گمس ۾ صحت جون انيڪ سهولتون هڪ ئي هنڌ آهن جنهن ڪري گمبٽ ميڊيڪل سٽي نه پر ملڪ جو ميڊيڪل ڪيپيٽل بڻجي چڪو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گمبٽ گمس تي فخر آهي، هتي انسان جي هر ٽڪري جو علاج ڪيو وڃي ٿو، هڪ ٽرانسپلانٽ تي 50 لک رپيا خرچ اچي ٿو جيڪو سنڌ حڪومت جي سهڪار سان گمبٽ ۾ مفت ڪيو وڃي ٿو. پارٽي چيئرمين صحت جي ميدان ۾ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو آهي. ڊائريڪٽر گمس پاران گمبٽ کي ميڊيڪل سٽي قرار ڏيڻ سميت گمبٽ شهرين جي پراڻي مطالبي ته قومي شاهراهه تي ٿيندڙ حادثن کان محفوظ رهڻ ۽ گمس کي سٽي اسپتال سان ملائڻ لاءِ اووهيڊ برج ڏيڻ واري مطالبي ته سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گمس اسپتال عالمي سطح جي آهي، جنهن ڪري گمبٽ ميڊيڪل سٽي نه پر پاڪستان جو ميڊيڪل ڪيپيٽل بڻجي ويو آهي ۽ ملڪي ميڊيڪل ڪيپيٽل لاءِ گهربل هر سهولت سنڌ حڪومت مهيا ڪري ڏيندي. وڏي وزير گمبٽ مان گذرندڙ قومي شاهراهه مٿان اوورڊ هيڊ برج تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ورڪس اينڊ سروس کاتي کي جلد فزيبلٽي رپورٽ ٺاهي ڏيڻ لاءِ چوندس. ان کان اڳ ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ آيل مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته آئون بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان، هن گمس ۾ اچي اسان جي همت افزائي ڪئي آهي سنڌ حڪومت گمس سان هميشه سهڪار ڪيو آهي، جنهن جي تعاون سان گمس ۾ صحت جا وڏا شعبا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته گمس کي وڌيڪ بجيٽ ڏني وڃي ته جيئن رهيل شعبا به جلد مڪمل ڪري غريبن جو وڌيڪ علاج ڪري سگهون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ويندو آهي ته اتي گمس جو ذڪر ضرور ڪندو آهي جيڪا اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ڊائريڪٽر گمس بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته گمبٽ کي هيلٿ سٽي قرار ڏنو وڃي ۽ حادثن کان بچڻ لاءِ قومي شاهراهه تي اووهيڊ برج تعمير ڪرائي ڏني وڃي. صحت واري سيڪريٽري چيو ته صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو مصروفيتن سبب اڄوڪي تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهي آهي، گمبٽ گمس سان هر طرح جو تعاون ڪندا رهنداسين. گمبٽ تڪ جي ايم پي اي نعيم کرل پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ کيس جو تحفو ڏنو. دوري دوران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، منظور وساڻ، سهيل انور سيال، نواب خان وساڻ، ايم اين اي سيده نفيسه شاهه، ايم اين اي پير فضل شاهه جيلاني، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، ايم پي اي نعيم کرل، ايم پي اي پيار علي شاهه جيلاني، ايم پي اي غزاله سيال، منور حسين وساڻ، پ پ اڳواڻ شيراز راڄپر سميت ٻيا اڳواڻ گڏ هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو