170

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو محمد بخش مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهتو

خانپورمهر( رپورٽ نواب  علي ميراڻي) گهوٽڪي ضلعي ۾ وڏي سياسي تبديلي جو امڪان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم اين اي محمد بخش خان مهر وٽ پهتو، رات سائينيواري ۾ ترسندو،  اهم سياسي فيصلن جا امڪان. رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي رھائشگاھ خانڳڙھ پھچي ويو آهي، جتان سردار ڳڙھ جي علائقي سائينيواري روانو ٿي ويو، جتي رات ترسندو، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ايئرپورٽ کان روڊ رستي خانڳڙھ پهتو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ناراض پي پي ايم پي اي راجا خان مهر سان پڻ ملاقات جا پڻ امڪان آهن. ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناراض پي پي ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر کي پرچائڻ سميت مختلف سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي دوري کي نجي دورو قرار ڏنو پيو وڃي پر ذريعن موجب سينيٽ چونڊن ۾ مهر ڀائرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ کين پرچائي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري خانڳڙھ پهتو آهي. بلاول ڀٽو زرداري رات سائينيواري ۾ پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي رھائشگاھ تي ترسندو جتان سڀاڻي واپس روانو ٿي ويندو. هوڏانهن پ پ ۽ مهر ڀائرن وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بعد اڳوڻي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر جا پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات جا امڪان آهن.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو