105

ڀارت پاران پاڪستان جي جاسوسي سالميت تي حملو آهي، قانوني ڪاروائي ڪنداسين: شهزاد اڪبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي احتساب ۽ گهرومعاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان جي جاسوسي سالميت تي حملو آهي، قانوني ڪاروائي ڪنداسين،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته انڊيا اسپائي ويئر کان 2019 ۾ عمران خان جي قوم تي حملو ڪيو، اعليٰ عسڪري عملدارن کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي،وزير اعظم جو فون به هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمز تي معاملو کڻي وينداسين، هن چيو ته اسرائيلي ڪمپني ”پيگاسس“ اسپائي ويئر جو معاملو پاناماليڪس کان به وڏو آهي، پنهنجي خود مختاري جي حفاظت ڪرڻي آهي،ان معاملي تي خاموش ويهي نٿو سگهجي، صلاح مشواري ڪري ڇڏيا آهن، جلد جاچ جي شروعات ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو