170

ڄامشورو ۾ حددخليون ڄاڻائي گهر ڊاهڻ کانپوءِ رهواسي متحرڪ، ايڪشن ڪميٽي جوڙي وئي، ايم پي اي آڏو مطالبا رکڻ جو فيصلو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ آبپاشي کاتي پاران حددخليون ڄاڻائي گهر، دڪان ۽ ٻيون ملڪيتون ڊاهڻ واري عمل کانپوءِ رهواسين ايڪشن ڪميٽي جوڙي آبپاشي کاتي کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪڻ، متاثرن کي متبادل جاءِ ۽ معاوضو ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي گڏجاڻي ڪوٺائي سياسي سماجي ڌرين کان تجويزون ورتيون آهن. آر بي بي ڪالوني ڄامشورو ۾ بحالي ۽ بچاءَ بابت ايڪشن ڪميٽي جي هنگامي گڏجاڻي سماجي ۽ سياسي اڳواڻ حفيظ قريشي جي ميزباني ۾  ٿي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مظفر قريشي، اسرار جتوئي، روشن برهماڻي، ايڊووڪيٽ ممتاز خشڪ، فياض هنڱورو، عاطف لوڌي، عرفان سولنگي، صمد پٺاڻ، نياز چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ آبپاشي کاتي پاران حددخليون ڄاڻائي گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي وڌيڪ ڪارروائي روڪڻ ۽ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي ضلعي ڪونسل ڄامشورو جي ميمبر سهيل احمد شورو ڪميٽي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر سان گڏجاڻي ڪري سندس آڏو ڪميٽي جا مطالبا رکيا ويندا. ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن فيصلو ڪيو ته جلد پ پ ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر سان ملاقات ڪري غريبن جا اجها ۽ دڪان ڊاهڻ واري عمل کي روڪڻ، کين معاوضو يا متبادل جاءِ ڏيڻ ۽ آر بي بي ڪالوني جي مسئلن بابت کيس چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو