255

ڄامشورو ۾ پ ٽ الف ضلعي عهديدارن جي چونڊ، شهباز پئنل اڪثريت سان ڪامياب

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ پ ٽ الف ضلعي ڄامشوري جي چونڊ ۾ الشهباز ۽ شهباز پئنل ۾ مقابلو ٿيو، چيئرمين اليڪشن ڪميشن محمد امين لنڊ، وائيس چيئرمين غلام مصطفيٰ پنهور ۽ سيڪريٽري محمد اسلم سولنگي جي سربراهي ۾ لمس ڪالوني جي پرائمري اسڪول ۾ چونڊ ٿي گذري، جنهن ۾ شهباز پينل جي اميدوارن اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، مجموعي طور 45 ووٽن مان شهباز پينل 36 ووٽ کڻي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته مخالف پينل الشهباز رڳو 9 ووٽ حاصل ڪري سگهيو، شهباز کٽيل پينل جي ڪامياب اميدوارن ۾ صدر محمد بچل خاصخيلي،  جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ميمڻ، نائب صدر ممتاز علي سهتو، نائب صدر فيميل فوزيا بيگم، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪمال الدين خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري فيميل آپا فريده اوٺو، خزانچي علي اڪبر خاصخيلي،  انفارميشن سيڪريٽري غلام علي پلھه ۽ آفيس سيڪريٽري عبدالوحيد کوسو شامل آھن. هوڏانهن مخالف پينل الشهباز  جا اميدوار صرف 9 ووٽ حاصل ڪري سگهيا، هارايل اميدوارن ۾ صدر جو اميدوار فياض حُسين انڙ، جنرل سيڪريٽري وزير علي چنا، نائب صدر آچر چنا، نائب صدر فيميل آپا خورشيد خانم،  ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالسميع ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري فيميل آپا فخر النساءِ پنهور، خزانچي مختيار علي کونهارو، انفارميشن سيڪريٽري تصور حُسين جٽ۽  آفيس سيڪريٽري شوڪت علي ٽونگل برفت شامل آھن. ڪاميابي ماڻيندڙ پرائمري استادن جي تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر محمد بچل خاصخيلي ۽ جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي مانوارن استادن پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آھي اسان جو عزم آھي استاد جي هر جائز مسئلي ۾ عملي ڪردار ادا ڪنداسين، استادن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين، مخالف پينل کي به گڏ کڻي هلنداسين، اُهي به اسان جا قابل احترام اُستاد آھن، اليڪشن جمهوريت جو حُسن آھن اسان جمهوري طريقي سان ڪاميابي ماڻي آھي نه رڳو  استاد جي مسئلن لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي پر مستقبل جي معمارن جي بهتر تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو