105

چونڊ چوري ٿي ته نتيجا نه مڃيندا سين، ڪشميرين کي شاهراهه دستور تي پهچڻ جو سڏ ڏبو:مريم نواز

آزاد ڪشمير حويلي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چونڊ چوري ٿي ته نتيجا نه مڃيندا سين، ڪشميرين کي شاهراهه دستور  تي پهچڻ  جو سڏ ڏبو، آزاد ڪشمير جي علائقي حويلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان کان پڇون ٿا ته سردار تنوير الياس جي هٿان ڪيترن رپين ۾وڪاميا آهيو،نئين اي ٽي ايم کان ڪشمير جو ووٽ ڪيتري ۾خريد ڪيو؟ سردار تنوير سرڪاري آفيسر کي هڪ ارب رپيا رشوت ڏئي ته سوچيو عمران خان کي ڇا ڏنو هوندو؟ عوام کي جلد پتو پئجي ويندو، هن چيو ته سرڪاري خرچ باوجود ناڪام جلسيون ڪرڻ تي اميدوار به ڳالهائين پيا ته عمران خان واپس وڃو،اسان جي تڪ ۾اڳتي نه اچجو، عمران خان پنهنجي ڪرسي سبب عوام جي ووٽ جي قرباني ڏني،نواز شريف 22 ڪروڙ عوام لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ ڪرسي قربان ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو