129

ڊيسڪن جي خريداري وارو آرڊر ڪينسل ٿي ويو، ڪارروائي ٿيڻ گهرجي:حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڊيسڪن جي خريداري وارو ورڪ آرڊر ته ڪينسل ڪيو ويو آهي پر اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هي معاملو مان نيب ۾ کڻي ويندس، ڪالهه پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڊيسڪن جي خريداري بابت جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڊيسڪن جي اسڪينڊل کي مون بي نقاب ڪيو، مهانگيون ڊيسڪون خريد ڪيون پئي ويون، 3 ارب 30 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو پلان جوڙيو ويو هو ۽ مون ٻڌو آهي ته ڊيسڪن جي خريداري وارو ورڪ آرڊر ڪينسل ڪيو ويو آهي، هاڻي مان سمجهان ٿو ته هن اسڪينڊل ۾ جيڪي مافياز هئا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مان هن معاملي کي نه ڇڏيندس ۽  هي معاملو مان نيب ۾ کڻي ويندس. بهانو بڻائي ڊيسڪون نه روڪيون وڃن، ٻارڙا زمين تي ويهي پڙهن ٿا، سستي ۽ اصل اگهن تي ڊيسڪون خريد ڪيون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو