162

ڊي سي ڄامشورو کي هٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿاڻي بولا خان ۾ عدالتي حڪم باوجود پولٽري فارم تي ڪارروائي ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊي سي ڄامشورو پاران پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڄامشورو انتظاميا کي ٻن هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس فهيم صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ٿاڻو بولا خان ۾ پولٽري فارم تي ڪارروائي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڊي سي ڄامشورو ڪئپٽن (ر) فريد الدين پاران پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڄامشوري جو ڊي سي ڪٿي آهي ۽ ڇو پيش نه ٿيو آهي؟ عدالت چيو ته هينئر ئي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪريون ٿا، ايندڙ ٻڌڻي تي کيس هٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو وڃي، ان موقعي تي ڄامشورو انتظاميا عدالت کي ٻڌايو ته ڊي سي ڄامشورو (ر) ڪئپٽن آهي جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته (ر) ڪئپٽن آهي ته ڇا ان ڪري پيش نه ٿيو آهي؟ جنهن تي ڄامشورو انتظاميا عدالت کي ٻڌايو ته ڊي سي سيوهڻ ويل آهي اتي ڪورونا انجيڪشن لڳايا پيا وڃن، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي سي سيوهڻ ڇو ويو آهي ڇا اتي ميلو لڳل آهي؟ عدالت چيو ته ڊي سي سيوهڻ ڇو ويو آهي ڇا اتي هو پاڻ ماڻهن کي انجيڪشن لڳائي رهيو آهي؟ ڇا ڊي سي هاڻي ڊاڪٽري به شروع ڪري ڇڏي آهي؟ ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2009ع ۾ اسان جي پولٽري فارم تي ڪارروائي ڪري بند ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ فيصلو اسان جي حق ۾ آيو، جنهن کان پوءِ ڄامشورو انتظاميا ڪيس کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود ٻيهر اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ انتظاميا طرفان 9 جون تي نوٽيس جاري ڪيو ويو ته سروي ڪنداسين، وڪيل چيو ته بااثر ماڻهن طرفان پولٽري فارم تي موجود مزدورن کي مارڪٽ ڪئي وئي ۽ حراسان ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي عدالت ڄامشورو جي مختيارڪار کان پڇيو ته ڇو ماڻهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي؟ اوهان پنهنجي بادشاهت لڳائي رکي آهي، عدالتي فيصلي باوجود به ڪارروائي ڪري رهيا آهيو ڇا اوهان کي لڳي ٿو ته ڪورٽ بند ٿي وئي آهي؟ عدالت مختيارڪار کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي ٻڌايو اوهان ڪڏهن هن درخواست جو جواب ڏيندا؟ ان موقعي عدالت ڄامشورو انتظاميا کي ٻن هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو