137

ڏکڻ پنجاب جو مستقل حل صرف سرائيڪي صوبو آهي: جهانگير ترين

ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين سرائيڪي شاعر شاڪر شجاع آبادي جي عيادت لاءِ نشتر اسپتال پهتو، جتي هن شاڪر شجاع آبادي جي طبيعت معلوم ڪئي ۽ علاج لاءِ 5 لک رپين جو چيڪ پڻ ڏنو، جهانگير ترين شاعر شاڪر شجاع آبادي کي ماهوار 50 هزار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شاڪر شجاع آبادي جي علاج لاءِ جيڪو ٿي سگهيو اهو ڪندس، هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جو مستقل حل صرف سرائيڪي صوبو آهي، سڀني جماعتن کي ملي ڪري سرائيڪي صوبي جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ماضي جي حڪومتن اسان جو خيال ناهي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو