131

کنڊ اسڪينڊل ڪيس، ايف آءِ اي عبوري چالان جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ کنڊ اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي هڪ ڪيس جو عبوري چالان جمع ڪرائي ڇڏيو، ايف آءِ اي پاران جمع ڪرايل چالان ۾ چيو ويو آهي ته شوگر مافيا ۽ سٽي بازن مل مالڪن سان گڏجي 110 ارب رپيا ڪمايا، شوگر مافيا ۽ سٽي بازن ڪراچي ۾ 16 واٽس اپ گروپ به ٺاهيا هئا، چالان موجب سٽي مافيائن دوکي بازي سان کنڊ جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهيا، انهن پنهنجي ايجنٽن ذريعي کنڊ جي ايڪس مل اگهه ۾ تيزي سان اضافو ڪيو، ملز مالڪن کنڊ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري 110 ارب رپين جو عوام سان فراڊ ڪيو، شوگر مافيا جا ڪراچي مان 23 سٽي باز پنجاب جي سٽي بازن سان رابطي ۾ هئا، ايف آءِ اي موجب ڪراچي ۽ پنجاب جي سٽي بازن  گڏجي کنڊ جي قيمتن جوا کيڏي،شوگر مافيا، ملز مالڪن کي قيمت ادا ڪرڻ باوجود مال گودام کان ٻاهر نه آڻيندا هئا، شوگر مافيا ۾ ايجنٽن ۽ سٽي بازن سان گڏ شوگر ملز مالڪ به ملوث آهن، چالان م وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن جا مختلف بئنڪن مان ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي استعمال هيٺ اليڪٽرونڪ شين جي فرانزڪ به ڪرائي پئي وڃي، جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي، ڪيس ۾ 2 جوابدار پيءُ ۽ پٽ محمد جليل ۽ محمد بلال نامزد آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو