190

ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور وارا بينر سياسي مقصدن لاءِ لڳايا پيا وڃن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور وارا بينر سياسي مقصدن لاءِ لڳايا پيا وڃن. شاهه محمود قريشي خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مسلسل ڀارت جو اصلي چهرو ڏيکاري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگينڊه مهم شروع ڪئي، ارنب گوسوامي جي چيٽ منظرعام تي اچڻ کانپوءِ پلواما ڊرامو وائکو ٿي ويو، جيڪو ڀارت سياسي مقصدن لاءِ رچايو هو، ڀارت جي بي جي پي سرڪار اليڪشن لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي 40 فوجين جي جان کسي ورتي، دهلي ۾ غير ذميوار حڪومت قائم آهي جيڪا سياسي مقصدن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو