99

ڪراچي ۾ رڪشا ڊرائيور پاران نينگريءَ کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رڪشا ڊرائيور  نينگريءَ کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدار ذاڪر پوليس کي بيان ڏيندي چيو آهي ته رات جو ساڍي 11 وڳي نينگريءَ کي رڪشا ۾ ويهاري هڪ ڪلاڪ تائين گهمايو، جنهن دوران رڪشي ۾ نشو ڪندو رهيس، رات جو ساڍي 12 وڳي آچر بازار گرائونڊ ۾ نينگري کي وٺي ويس، جتي زيادتي ڪرڻ کانپوءِ نينگري زنده هئي، اوچتو ٽپو ڏئي اٿڻ سبب سندس ڳاٽو ڀڄي پيو ۽ هوءَ مري وئي، سندس لاش کي ڪچرا ڪنڊي ۾ گهر آيس، گهرواري کي ٻڌايو ته سواري کڻي ويو هئس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو