218

ڪرمپور ويجهو ڪارنهن معاملي تان جهيڙو، معصوم ٻار قتل، 8 ڄڻا زخمي

ڪرمپور (ن سوڀ) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ نهال بکراڻي ۾  بکراڻين جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو,جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جهيڙي وقت اسپتال دوا لاءِ کڻي ويندڙ ماءُ جي هنج مان پنجن مهينن جو ٻارڙو عبيدالله پٽ ثناءَ الله بکراڻي مبينا طور ڌڪ لڳڻ سبب هيٺ زمين تي ڪري فوت ٿي ويو. هوڏانهن بعد ۾ شبيرآباد پوليس پهچي زخمين کي کڻائي ڪرمپور اسپتال آندو، جتي زخمين جو علاج ڪيو ويو، زخمين ۾ غلام رباني بکراڻي، عبدالعزيز بکراڻي، محمد اسماعيل، غلام علي، ياسين، ميرحسن، محمد خان ۽ هادي بخش بکراڻي شامل آهن. زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. فوتي ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ هو ته دوا لاءِ شهر وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ مخالفن اڳ وٺي جهيڙو ڪيو، جنهن ۾ ڇڏائڻ دوران ماءُ جي هنج مان ٻارڙو ھيٺ زمين تي ڪري پيو ۽ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي. جڏھن ته وارث معصوم ٻارڙي کي بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ڳوٺ کڻائي ويا. ھوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪرمپور حسين علي شاهاڻي ٻڌايو ته بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي مسئلي تان جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ڌرين ھڪٻئي تي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي رتورت ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ 8 ڄڻا شامل آھن, جڏھن ته معصوم بيمار ٻارڙو به جهيڙي دوران ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو