245

ڪنري کان ڏگو فارم روڊ مڪمل تباهه، ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو، مسافر گاڏيون بند، رهواسي سفري سهولتون کان محروم، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ڪنري (رپورٽ: پرتاب راءِ مڪواڻا) ڪنري کان ڀاناڻو، ڏگو فارم کان ٿيندي عمرڪوٽ ڏانھن ويندڙ روڊ جو جنازو نڪري ويو ۽ روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو آھي، روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آھن، جنهن سبب بدقسمت روڊ گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ سوين ماڻھن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، اڄ به روزانو جي بنياد تي ھزارين مسافر انهي روڊ تي سفر ڪن ٿا، واپار جي حوالي سان دبئي طور سڃاتو ويندڙ ۽ ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي جي حيثيت رکندڙ تعلقي ڪنري جا روڊ رستا گذريل مهاٻوڏ کان ويندي 40 سالن کان مرمت ۽ سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري وڏن کڏن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، اڳوڻي وزيراعلي سنڌ ارباب غلام رحيم جي دور کان وٺي ڪنري کان ڏگو فارم ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي ملالا آسو ٻائي جي ڳوٺ ميڻا جي ڍاڻي ڏانھن ويندڙ روڊ نه ٺھيو آھي ۽ ڪيتريون ئي پليون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، روڊ برساتن ۽ مھا ٻوڏ ۾ هنڌان هنڌان ٽٽو ھو. مورجنھگو وٽ ھاڪڙي ڍوري جي مرمتي ڪم سبب روڊ تي ھلندڙ ڳري مشينري سبب روڊ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آھي، جنهن سبب بس مالڪن پنهنجون گاڏيون بيهاري ڇڏيون آهن ۽ مسافر توڙي اسڪولي ٻارڙا ۽ رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن اڌ ڪلاڪ جو سفر 2 ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻو پئجي رھيو آھي روڊ کنڊرات هئڻ ڪري روڊ تي هلندڙ گاڏين جي اوور ٽيڪ ڪرڻ ۽ کڏا هئڻ سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، پ پ پ جي حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا روڊ لاءِ ڪروڙين روپيا رقم مختص ڪئي وئي پر ڪم ٽڪو به نه ٿيو ۽ ٺيڪيدار ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري ڪم کي ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏيکاري پئسا ھڙپ ڪري ويا آھن، هتان جي سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن جانب دلواڻي، وينجھو ڀيل، حاجي ھاليپوٽو، ڪيول مينگھواڙ، جميل رند، خادم حسين ۽ ٻين چيو ته ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر روڊ جي مرمت ناهي ٿي. ھنن چيو ته مين روڊ سان لاڳاپيل ڪيتري عوام آهي جيڪا وڏي آزار کي منھن ڏئي رهي آهي روڊ جي حالت انتهائي خراب آهي، هنن اعلي اختيارين کان پرذور اپيل ڪئي آھي ته جلد روڊ جو ڪم شروع ڪري عوام کي سفر جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٽرانسپورٽرن چيو آهي ته روڊ جي ڪيترن ئي سالن کان وٺي هيل تائين ڪابه مرمت نه ٿي سگهي آهي، اسان جون گاڏيون خراب روڊ هئڻ سبب تباھ ٿي ويون آهن، جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون روڊ جي حالت خراب هئڻ جي ڪري اڌ ڪلاڪ جو سفر ٻن ڪلاڪن ۾ طئه ڪرڻو پئجي رهيو آهي روڊ جي حالت ڏسي اڌ کان وڌيڪ ٽرانسپورٽن پنهنجيون گاڏيون بيهاري ڇڏيون آھن، ھنن گهر ڪئي ته روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو