229

ڪورونا جي ٻي لهر ۾ واڌ، وڌيڪ 36 ڄڻا فوت، 2738 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسلام آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 68 هزار 665 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 806، بلوچستان ۾ 16 هزار 642 ، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 494، اسلام آباد ۾ 25 هزار 719، خيبرپختونخوا ۾ 43 هزار 359، پنجاب ۾ هڪ لک 12 هزار 893 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 59 هزار 752 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 7 هزار 561 آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ 2 هزار 780، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 2 هزار 811 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرختونخوا ۾ هڪ هزار 319 فوتگيون ٿيون،اسلام آباد ۾ ڪل 266 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 158 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض ان وائرس سبب فوت ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 93 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ 134 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ  – 19 جا 50 لک 98 هزار 291 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي علاج لاءِ مختص 770 اسپتالن ۾ 2 هزار 18 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو