148

ڪورونا جي ٽين لهر ۾ پاڪستان کي وڌيڪ فنڊ ڏينداسين، بجلي قيمت ۾ واڌ ڪرڻي پوندي: آءِ ايم ايف

سلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پاڪستان ۾ موجود نمائندي ٽريسا دوبان سنچي جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ٽين لهر ۾ پاڪستان جا وڌيڪ قرض رد ڪرڻ تي به غور ٿي سگهي ٿو، ويب نار (انٽرنٽ تي ڪيل سيمينار) کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ ٽيڪس سڌارا چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ محدود ڪرڻ ضروري آهي، توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪرڻي پوندي، ٽريسا دوبان سنچي چيو ته ڪورونا سان پهرين پاڪستان جي معيشت استحڪام ڏانهن هلي پئي هئي، ايف اي ٽي ايف جي هدفن تي به عملدرآمد ٿي رهيو هو. پر ڪورونا جي ڪري پيدا ٿيل غير يقيني عالمي حالتپون پاڪستان جي لاءِ چيلينج آهن. پر ڪورونا جي ٽين لهر ۾ پاڪستان کي وڌيڪ فنڊنگ ڪري سگهون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ قرض ۽ حڪومتي گارنٽيز معيشت جي 92.8 سيڪڙو تي پهچي ويون آهن، پاڪستان کي ٽيڪس آمدن وڌائڻ، ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قدمن کڻڻ ۽ ناڻي جي مٽا سٽا کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي طرف پاڪستان کي اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري تي ڊڪٽيشن ناهي ڏني، ڪورونا يا ويلٿ ٽيڪس لڳائڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

ڪورونا جي ٽين لهر ۾ پاڪستان کي وڌيڪ فنڊ ڏينداسين، بجلي قيمت ۾ واڌ ڪرڻي پوندي: آءِ ايم ايف” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو